اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيئرمين نيشنل ڊيزاسٽرمينجمينٽ اٿارٽي(اين ڊي ايم اي) کي خيبرپختونخواهه جي 9 متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.رپورٽ موجب سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ اتر پاڪستان ۾ ڪلائوڊ برسٽ(ڪڪر ڦاٽڻ) ۽ اوچتو ٻوڏ سبب ٿيل تباهي سبب ڏکويل آهيان.هن چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ پنهنجن ڀائرن ۽ ڀينرن سان يڪجهتي لاءِ بيٺل آهيون، حڪومت ريسڪيو ۽ رليف آپريشن جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته چيئرمين اين ڊي ايم اي سان ملاقات ۾ کيس هدايت ڪئي آهي ته سوات، بونير، باجوڙ، تورغر، مانسهره، شانگله ۽ بٽگرام جي متاثر ضلعن ۾ امدادي ڪارروائين کي تيز ڪيو وڃي. باجوڙ ۽ بٽ گرام تي فوري ڌيان ڏنو وڃي.وزيراعظم چيو ته ڦاٿل رهواسين کي فوري طور تي رليف ڏنو وڃي. زخمين کي طبي امداد ڏني پئي وڃي، ان سان گڏ روڊن کي صاف ڪرڻ ۽ رابطه بحال ڪرڻ جي لاءِ ڳري مشينري مقرر ڪئي وئي آهي.گلگت بلتستان جي وفاقي وزير سيفران امير مقام چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب وڏي تباهي ٿي آهي، ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته بحيثيت هڪ قوم اسان سڀني کي گڏجي متاثرين جي مدد ڪرڻي پوندي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب تازي تباهي 2025 جي زلزلي ۽ 2010 جهڙي ٻوڏ جهڙي آهي.