پشاور : خيبر پختونخواهه ۾ گذريل 48 ڪلاڪن دوران ٻوڏ ۽ ڪڪر ڦاٽڻ سبب فوتين جو انگ 307 تائين پهچي ويو آهي. صوبائي آفت انتظام اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) ٻڌايو آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ ۽ طوفاني ٻوڏ سبب فوتين جو ڪُل انگ 307 تائين پهچي ويو آهي. بونير ۾ 184، شانگلا ۾ 36، مانسهره ۾ 23، سوات ۾ 22، باجوڙ ۾ 21، بٽگرام ۾ 15 ۽ دير ۾ 5 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. پي ڊي ايم اي صوبي جي مختلف ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان بابت ابتدائي رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گذريل 48 ڪلاڪن دوران برساتن ۽ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ 307 ماڻهو فوت ۽ 23 زخمي ٿيا آهن.پي ڊي ايم اي موجب، فوتين ۾ 279 مرد، 15 عورتون ۽ 13 ٻار شامل آهن، جڏهن ته زخمين ۾ 17 مرد، 4 عورتون ۽ 2 ٻار شامل آهن.پي ڊي ايم اي موجب، برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪل 74 گهر تباهه ٿيا، جن مان 63 گهر جزوي طور تي تباهه ٿيا جڏهن ته 11 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا.سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيل بونير ضلعي ۾ هاڻي تائين ڪل 184 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.پي ڊي ايم اي موجب، حادثا سوات، بونير، باجوڙ، تورغر، مانسهره، شانگلا ۽ بٽگرام ضلعن ۾ ٿيا. تيز برساتن ۽ ٻوڏ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ضلعا بونير، باجوڙ ۽ بٽگرام آهن.پي ڊي ايم اي موجب، تيز برساتن جو موجوده سلسلو 21 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان جاري رهڻ جو امڪان آهي.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خاص هدايتن تي، برساتن ۽ ٻوڏ کان متاثر ضلعن لاءِ امدادي فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي خاص هدايتن تي، سڀني لاڳاپيل ادارن کي امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.پي ڊي ايم اي ٻڌايو آهي ته امدادي ٽيمون ۽ ضلعي انتظاميا هڪ ٻئي سان مڪمل رابطي ۾ آهن ۽ صورتحال تي نظر رکي پئي وڃي. پي ڊي ايم اي اڳ ئي سڀني ضلعي انتظاميا کي خط موڪليو هو ته موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي اپاءَ ورتا وڃن.پي ڊي ايم اي سڀني لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته سياحتي هنڌن تي بند هاءِ ويز ۽ ڪنيڪشن روڊن کي بحال ڪرڻ لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ڪن.سڀني سياحن کي موسمي صورتحال بابت آگاهي ڏيڻ ۽ احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت پڻ ڪئي وئي آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي ڊي ايم اي ايمرجنسي آپريشن سينٽر مڪمل طور تي فعال آهي، عوام ڪنهن به ناخوشگوار واقعي، موسمي صورتحال بابت آگاهي ۽ معلومات لاءِ مفت هيلپ لائن 1700 تي رابطو ڪن. ٻئي طرف، ڊپٽي ڪمشنر بونير ڪاشف قيوم چيو ته چغرزئي علائقي ۾ هاڻي تائين 185 لاش ڪڍيا ويا آهن، 100 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جڏهن ته چغرزئي علائقي ۾ 30 ماڻهو گم آهن، آخري انگ اکر اڄ جاري ڪيا ويندا. پاڪستان آرمي ۽ فرنٽيئر ڪور (ايف سي) خيبر پختونخواه جي بونير، سوات ۽ باجوڙ ضلعن ۾ ٻوڏ جي امدادي ڪارروايون ڪري رهيا آهن. متاثرين کي پاڪستان آرمي جي هيلي ڪاپٽرن ۾ راشن ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو پيو وڃي.ٻوڏ متاثر علائقن مان ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن ڪڍيو پيو وڃي.امدادي ڪاررواين ۾ حصو وٺڻ لاءِ پاڪ فوج جي وڌيڪ فوج کي پڻ موڪليو ويو آهي. آپريشن جاري رهندو جيستائين سڀني متاثر ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچايو وڃي ۽ انهن کي بچايو وڃي.