اسلام آباد : پاڪستان جي حڪومت راندين جي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مشهور شخصيتن کي سول ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.اهي ايوارڊ انهن رانديگرن ۽ شخصيتن کي ڏنا ويندا جن پنهنجي محنت، لگن ۽ شاندار ڪارڪردگي سان ملڪ کي بين الاقوامي سطح تي مشهور ڪيو آهي.تفصيل موجب، حڪومت راندين سان لاڳاپيل 10 شخصيتن کي قومي ايوارڊ ڏيندي جن ۾ اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي به شامل آهي. تفصيل موجب، پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد خان آفريدي، جبل چاڙهه ڪندڙ شهروز ڪاشف، ملڪ محمد عطا (مرحوم) گهوڙي سوار کي هلال امتياز سان نوازيو ويندو، جڏهن ته اڳوڻي عورت ڪرڪيٽر ثنا مير ۽ ڊسڪس اڇلائيندڙ حيدر علي کي ستاره امتياز سان نوازيو ويندو. ان کان علاوه، اسڪواش ۾ حمزه خان، شوٽنگ ۾ محسن نواز ۽ ٽينس ۾ راشد ملڪ کي تمغه امتياز سان نوازيو ويندو.ان کان علاوه، شاهزيب رند کي ڪراٽي ۾ ۽ محمد سجاد کي ڪبڊي ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ڏنو ويندو، ياد رهي ته حڪومت 23 مارچ 2026 تي پاڪستان جي ڏينهن جي موقعي تي رانديگرن کي اعليٰ ترين قومي ايوارڊن سان نوازيندي.