ربيع الاول جو چنڊ 24 آگسٽ تي نظر اچڻ جو امڪان، اسپارڪو

ڪراچي: خلائي ۽ اپر ايٽماسفيئر ريسرچ ڪميشن (اسپارڪو) ربيع الاول جي چنڊ جي نظر اچڻ جي حوالي سان هڪ اڳڪٿي ڪئي آهي. اسپارڪو موجب ربيع الاول جو چنڊ 24 آگسٽ تي نظر اچڻ جو امڪان آهي ۽ هن صورت ۾ 12 ربيع الاول خميس 5 سيپٽمبر تي ٿي سگهي ٿو. اسپارڪو جو چوڻ آهي ته ربيع الاول جي چنڊ جي پيدائش 23 آگسٽ تي صبح جو 11:06 وڳي متوقع آهي.چنڊ جي عمر 24 آگسٽ تي سج لهڻ تائين تقريبن 32 ڪلاڪ ۽ 13 منٽ هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔