پنجاب ۽ پختونخواهه ۾ برساتن جو نئون سلسلو شروع، نالا اوور فلو،ٻوڏ جو خطرو

اسلام آباد: مون سون جي ستين اسپيل جي اثر هيٺ، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ برساتن جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري ڪيترن ئي هنڌن تي ٻوڏ جو خطرو آهي. ملتان، جهنگ ۽ ڪبير والا ۾ برساتن موسم کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته چکوال شهر ۽ ان جي آس پاس ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات جاري آهي. ٽن ڪلاڪن تائين مسلسل تيز برساتن جي ڪري چکوال شهر جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا آهن، جڏهن ته ڪلر ڪهار ۾ جاري برساتن جي ڪري هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. چڪوال ۾ ضلعي انتظاميا الرٽ جاري ڪيو آهي ۽ شهرين کي دريائن ۽ واهن کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. خانيوال، ڪوٽ ادو، سرگوڌا ۽ وهاڙي سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به وقفي وقفي سان برسات جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔