ملڪ ۾ نون صوبن جي ضرورت آهي: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي: اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ نون صوبن يا انتظامي يونٽ ٺاهڻ جي ضرورتآهي، ملڪ ۾ وڌندڙ آباديءَ سبب موجوده نظام توڙي لوڪل گورنمينٽ وارا معاملا ناڪام ٿي ويا آهن، ملڪ کي وڏي ۾ وڏو نقصان نيب جي ڪري ٿيو آهي، فيصلا ڪندڙ ادارا توڙي ڪابينا به خوف سبب فيصلا نه ٿا ڪن، ڪمزور جمهوري حڪومت آزاد صحافت تي اثر انداز ٿيندي آهي.

اهڙيون ڳالهيون هن سي پي اين اي سيڪريٽريٽ ۾ "ميٽ دي ايڊيٽرز” عنوان هيٺ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون، هن چيو ته ملڪ ۾ گهڻو عرصو فوج سڌي يا اڻ سڌي طرح سياست ۾ شامل رهي، ملڪ جي معيشت کي خراب ٿيڻ ۾ هڪ ڏينهن نه پر ڊگهو عرصو لڳندو آهي، لڳاتار غلطيون ڪرڻ سان معيشت جو اهو حال ٿيو آهي، ملڪ جي اڻ وڻندڙ حالتن تي ڳڻتي ظاهر ڪرڻ سان گڏوگڏ حل به ڳولهڻو پوندو.

هن چيو ته ملڪ ۾ اليڪشن ۾ مداخلت نه ٿي ها اڄ ملڪ ۾ اهڙيون حالتون پيدا نه ٿين ها، اڄ تائين ملڪ ۾ شفاف چونڊون نه ٿيون آهن، ايتري قدر جو پنهنجي مرضيءَ جا ماڻهو آندا ويا ۽ گهٽايا ويا. هن چيو ته ٽرٿ ڪميشن ٺهڻ گهرجي جنهن تحت حقيقي دستاويز ٺهڻ گهرجن، اسان جي ملڪ ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو نظر نه ٿو اچي جيڪا عجيب ڪيفيت آهي. هن چيو ته حالتون سڌارڻ ۽ معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنج سال لاڳيتو جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته صوبائي حڪومت کي ٽوڙڻ ناڪامي جي علامت هوندي، اهڙي صورت ۾ صوبن ۾ وري اليڪشن ٿي سگهي ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته دراصل سياسي پارٽين اندروني طور تي جمهوري نه هونديون آهن ۽ انهن ۾ اليڪشن سان ورهائجي وينديون آهن.

هن مريم نواز ۽ اسحاق ڊار کي هڪ خاندان جا ماڻهو هجڻ سبب اهميت ڏيڻ واري سوال تي جواب ڏيندي چيو ته خاندان جو فرد هجڻ جي حيثيت ۾ پارٽي موقعو ڏيندي آهي پر ان کي قائم رکڻ فردن جي ذاتي صلاحيت هوندي آهي، هن چيو ته نواز ليگ قيادت سمجهيو ته اسحاق ڊار کي تجربو آهي ان ڪري وڌيڪ ڪم ڪري سگهي ٿو.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته لوڪل گورنمينٽ جا اختيار غير سرڪاري طور تي اسيمبلي ميمبر استعمال ڪن ٿا جنهن ڪري اهو نظام ناڪام ٿئي ٿو، توڙي جو پرويز مشرف پنهنجي دور ۾ لوڪل گورنمينٽ کي وڏا اختيار ڏنا پوءِ به ناڪام ٿي وئي.

سندس چوڻ هو ته  ملڪ ۾ نوان صوبا ٺاهڻ جي ضرورت آهي يا صوبن ۾ خودمختيار انتظامي يونٽ ٺاهيا وڃن. هن چيو ته  نيب جي ڪري ملڪ ۾ فيصلن جي صلاحيت تباھ ٿي وئي آهي. نواز شريف جيان ٻين سياستدانن سان به حالت ڪئي وئي ته ڪو به سياستدان نه ٺهندو جڏهن ته ايوان خالي ٿي ويندا.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان جو ملڪ زرعي ملڪ هجڻ جي دعويٰ آهي پر هتي ڪڻڪ، چانھ جي پتي، داليون ۽ ٻيون زرعي شيون ٻاهران اچن ٿيون، ان باري ۾ صوبائي حڪومتن کي ڏسڻو پوندو. آزاد صحافت جون ڳالهيون ڪرڻ جي باوجود انتقامي ڪارروائون ٿيڻ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جمهوريت ڪمزور هجڻ جي صورت ۾ آزاديءَ صحافت تي اثر پوندا آهن.

عمران خان سان ڳجهين ملاقاتن بابت  هن چيو ته ملاقات باري ۾ مونکي خبر ناهي ۽ سياست ۾ ڳهجون ملاقاتون نقصان ڏينديون آهن. شاگرد سياست بابت هن ڳالهائيندي چيو ته دنيا بدلجي وئي آهي ۽ شاگرد سياست تعليم تي اثر انداز ٿئي ٿي پر شاگرد سياست تي پابندي به سٺو عمل ناهي.

مشهور بلڊر ملڪ رياض رياض بابت سوال تي هن چيو ته طاقتور ترين شخص کي ملڪ ۾ رهڻ جو حق ته آهي پر قانون ٽوڙڻ جو حق ناهي، ڪير به ڪاروبار ڪري ملڪيت ٺاهي سگهي ٿو سندس ڪم ۾ خرابي آهي ته انکي درست ڪرڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔