گورن، شاهينن جا پر ڪَٽي ڇڏيا، ملتان ٽيسٽ ۽ سيريز انگلينڊ جي نالي

ملتان : انگلينڊ پاڪستان کي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ 26 رنسن تان هارائي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

انگلش ٽيم جي 355 رنسن جي ٽارگيت جي جواب ۾ قومي ٽيم 328 رنسن تي ڍير ٿي وئي، پاڪستان طرفان سعود شڪيل شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 94 رنسن جي اننگز کيڏي

انگلينڊ طرفان مارڪ ووڊ پاڪستان جي چئن رانديگرن کي پويلين ڀيڙو ڪيو

ميزبان ٽيم جي سعودي شڪيل ۽ فهيم اشرف ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ جي ٽارگيٽ جو پيڇو ڪندي چوٿين ڏينهن راند جي شروعات 198 رنسون چئن رانديگر سان ڪئي

چوٿين ڏينهن پهريون آئوٽ ٿيندڙ رانديگر فهيم اشرف هيو جيڪو رڳو ڏهه رنسون ٺاهي جو روٽ جو شڪار بڻيو.

ٻئي اينڊ تي سعود شڪيل بيٽنگ ڪندو رهيو جنهن رنسون ٺاهڻ جو سلسلو جاري رکيو ۽ آل رائونڊر محمد نواز سان گڏجي هڪ سٺي ڀائيواري قائم ڪري قومي ٽيم کي ڪاميابي جي ويجهو وٺي آيو پر محمد نواز 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

جنهن بعد سعود شڪيل به گهڻي دير وڪيٽ تي ٽڪي نه سگهيو ۽ 94 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي پويلين موٽي ويو

سعود شڪيل، مارڪ ووڊ جي بال تي وڪيٽ ڪيپر طرفان ڪيل هڪ ” تڪراري ڪئچ “ تي آئوٽ ٿيو جنهن تي مختلف ڌرين پاران سوال اُٿاريا پيا وڃن

بال سعود شڪيل جي بيٽ کي ڇهندي وڪيٽن پٺيان ويو جنهن کي ڪيپر ڊائيو لڳائيندي ڪئچ ڪري ورتو جنهن کانپوءِ فيلڊنگ سائيڊ آئوٽ جي اپيل ڪئي، پر فيصلو ٿرڊ امپائر تي ڇڏيو ويو جنهن سعود شڪيل کي آئوٽ قرار ڏنو.

سعود شڪيل کي آئوٽ ڏيڻ بعد امپائر واري فيصلي تي سوال اُٿاريندي مشهور ويب سائيت ڪرڪ انفو پوسٽ ڪئي ته ڇا هي صاف ڪيچ آهي؟

سعود شڪيل جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ ابرار احمد 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد زاهد محمود ۽ محمد علي ٻڙي تي پويلين موٽيا جڏهن ته آل رائونڊر  سلمان آغا 20 رنسون ناٽ آئوٽ رهيو.

انگلينڊ طرفان مارڪ ووڊ چار رانديگرن وڪيٽون حاصل ڪيون، اولي رابنسن ۽ جيمز اينڊرسن ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون جيڪ ليچ ۽ جو روٽ هڪ ، هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، ٻي اننگز ۾ شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي هيري بروڪ کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔