ڪراچي: ملڪ ۾ 42 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر (اين اي او سي) موجب، سنڌ مان 19 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس مليو آهي.اين اي او سي موجب، خيبر پختونخوا مان 7 ماحولياتي نمونن ۽ پنجاب مان 12 ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي چڪي آهي.اين اي او سي موجب، اسلام آباد مان 3 ۽ بلوچستان مان 1 ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس مليو آهي.