غيرمناسب لباس تي اڳوڻي مس ڪروشيا کي اسٽيڊيم مان نيڪالي

دوحا: قطر ۾ جاري فيفا ورلڊ ڪپ دوران اڳوڻي مس ڪروشيا کي سيڪيورٽي گارڊز غير مناسب لباس پهرڻ تي ميدان مان نيڪالي ڏني.

ايجوڪيشن سٽي اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ ميگا ايونٽ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ۾ ڪروشيا برازيل کي پينلٽيز تي 2 جي مقابلي ۾ 4 گول تان شڪست ڏئي ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو جڏهن ته ميچ جي دوران اڳوڻي مس ڪروشيا ايوانا نول غير مناسب لباس پهريو جنهن تي سيڪيورٽي اهلڪارن کيس ميدان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.

رپورٽ موجب اڳوڻي مس ڪروشيا پنهنجي دفاع ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سان ڳالهائيندي نظر اچي رهي آهي، هن چيو ته ڪيترين ئي ماڻهن سان تصويرون ڪڍرايون آهن ۽ ماڻهو هن سان ملي خوش ٿي رهيا آهن.

واضح رهي ته قطر مسلم قانون تحت ورلڊ ڪپ دوران تماشبين کي به مختصر ڪپڙا پائڻ تي ڏنڊ يا جيل موڪلي سگهجي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔