بلوچستان جي عوام جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي: آرمي چيف

راولپنڊي : آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته بلوچستان جي عوام جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير بلوچستان جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو، پهرئين ڏينهن هن ڪور هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي شهيدن جي يادگار تي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.

پوءِ آرمي چيف آپريشنل، ٽريننگ ۽ فارميشن جي ٻين معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، هن ڪمانڊ اينڊ اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۽ اسڪول آف انفنٽري اينڊ ٽيڪٽڪس جو به دورو ڪيو.

ٻئي ڏينهن آرمي چيف تربيت جو دورو ڪيو، جتي کيس ايف سي بلوچستان جي آءِ جي ڏکڻ بلوچستان ۾ سيڪيورٽي جي موجوده صورتحال ۽ محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.

پاڪ فوج جي سربراهه چيو ته بلوچستان جي عوام جي سلامتي ۽ تحفظ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔