پرتگال آئوٽ، مراڪش پهريون ڀيرو فٽبال ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل ۾ پهچي ويو

دوحا: فٽبال ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنل ۾ مراڪش جي ٽيم بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري رکندي پرتگال کي به اپ سيٽ شڪست ڏئي ڇڏي.

الثماما اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي ٽئين ڪوارٽر فائنل ۾ مراڪش پرتگال کي 0-1 تان گهر ڀيڙو ڪري سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

مراڪش طرفان يوسف النصيري 42هين منٽ ۾ گول ڪري ٽيم کي سرسي ڏياري، جيڪا آخر تائين برقرار رهي ۽ پرتگال جو ڪو به رانديگر گول نه ڪري سگهيو.

پرتگال جي رانديگرن مراڪش جي گول پوسٽ تي ڪيترائي حملا ڪيا پر مراڪش جي گول ڪيپر ياسين شاندار دفاع ڪندي حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔