سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن جو بُرو حشر ٿيندو: مراد علي شاهه

ٺٽو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اسيمبليون ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان چاهيون ٿا ته اسيمبليون نه ٽُٽن پر جيڪڏھن انهن کي عوامي نمائندن جو ڪردار ادا ناهي ڪرڻو ته ڀلي هليا وڃن، ڪو فرق نه پوندو.

ٺٽي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته چونڊون مقرر وقت تي ٿينديون، وقت کان اڳ چونڊن جون ڳالهيون ڪرڻ بيوقوفي آھي، سڄو ملڪ برسات ۽ ٻوڏ جي تباهين کي منهن ڏئي رهيو آھي پر عمران خان وارو ٽولو اليڪشن اليڪشن ڪرڻ ۾ رڌل آھي

هن چيو ته ملڪ اندر سرائيڪي صوبي جي حوالي سان ڳالهيون ٿي رهيون آھن، باقي وڌيڪ صوبا ٺاهڻ يا انتظامي يونٽن ۾ واڌاري لاءِ سنڌ بابت ڪير به نه سوچي، سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي جيئڻ نه ڏينداسين، ڪنهن نئين صوبي جي ڳالھه ڪئي ته ان سان برو حشر ٿيندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن لاءِ 15 جنوري جي تاريخ ڏني آهي، اسان چونڊن لاءِ شروع کان تيار آهيون، مڪاني چونڊن ۾ امن امان قائم رکڻ ڏکيو هوندو آهي، اسان انتظامي معاملن لاءِ اليڪشن ڪميشن وٽ وينداسين.

مراد علي شاهه چيو ته مرتضيٰ وهاب ڪراچي جي بهتري لاءِ ڪم ڪيو، سياسي شخصيت کي هٽائڻ جي مطالبي سبب ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر جي عهدي تي سرڪاري آفيسر کي لڳايو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔