نه ڪيراسان جو فيورٽ آھي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي خلاف آهيون: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آھي چيو ته نه ڪيراسان جو فيورٽ آھي ۽ نه ئي وري ڪنهن جي خلاف آهيون، پنجاب حڪومت کي چئي ڇڏيو آهي ته هاڻي قانون تبديل ڪيو ته اڳوڻي بلدياتي قانون  تحت ئي چونڊون ڪرائينداسين

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اسلام آباد ۾ ووٽر جي قومي ڏينهن جي عنوان هيٺ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي ڪڏهن به مخالفت ناهي ڪئي، جلد بازيءَ ۾ سڄي اليڪشن تڪراري نٿا بڻائي سگهون

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلمطان راجا موجب هڪ ڀيرو ٻيهر تڪبندين بابت سوچيو پيو وڃي، جيڪڏهن وقت نه ڏنو ويو ته ٻيهر مڪاني چونڊون ڪرائڻ ڏکيو ٿي پوندو، ملڪ ۾ سڀ کان اهم مڪاني چونڊون آهن، بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو 11 ڊسمبر کان شروع ٿيندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔