ارشد شريف قتل: حڪومتي جي آءِ ٽي رد، نئين جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم

اسلام آباد : سپريم ڪورٽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل بابت جوڙيل حڪومتي جي آءِ ٽي رد ڪري ڇڏي آھي،  سڀاڻي تائين نئين خاص جي آءِ ٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ پاڻمرادي ڪيس تي ٻڌڻي ٿي، عدالت پاران ارشد شريف جي قتل بابت جوڙيل حڪومتي جي آءِ ٽي کي رد ڪيو ويو آھي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ارشد شريف جو بي رحماڻو قتل ٿيو، قتل ڪينيا ۾ ٿيو آهي، اُتان جي انتظاميا کان مدد ورتي وڃي

عدالت حڪومتي جي آءِ ٽي کي رد ڪندي چيو ته چاهيون ته قتل واري واقعي تي آزاداڻي جاچ ٿئي ۽ جاچ ٽيم سان ڪنهن بااثر جو تعلق نه هجي

ٻڌڻي دوران ارشد شريف جي امڙ به عدالت ۾ پيش ٿي، ارشد شريف جي امڙ چيو ته منهنجي پٽ کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، اوهان کي درخواست آهي ته انصاف ڪيو وڃي

فيڪٽ اينڊ فائنڊنگ ڪميٽي 592 صفحن تي مشتمل رپورٽ به سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آھي، رپورٽ ۾ارشد شريف جو قتل هڪ رٿابندي قرار ڏنو ويو آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔