اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوه ڪا به ڊبل گيم نه کيڏي هئي: پرويز الاهي

ڪراچي: پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي به عمران خان جي اڳوڻي آرمي چيف تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪري ڇڏي آھي

اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪا به ڊبل گيم نه کيڏي هئي، جنرل باجوه بي اعتمادي رٿ تي عمران خان جو ساٿ ڏيڻ جو مشورو ڏنو

هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ پرويز الاهي چيو ته بي اعتمادي رٿ واري معاملي تي ادارن سان مشاورت ٿي، اسان کي ٻڌايو ويو ته توهان لاءِ عمران خان جو ساٿ ڏيڻ ئي عزت وارو رستو آهي

پرويز الاھي موجب عثمان بوزدار کي پنجاب جي وڏ وزارت ڏيارڻ ۾ جهانگير ترين ۽ جنرل فيض حميد جو ڪردار هو،  بعد ۾ هنن کيس هٽائڻ جو مطالبو ڪيو پر کيس نه هٽايو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔