سنڌ سرڪار پاران 6 ضلعن ۾ ايم سڪس موٽروي پراجيڪٽ جا فنڊز فريزڪرڻ جو اعلان

ڪراچي : سنڌ سرڪار پاران موٽر وي ميگا اسڪينڊل سامهون اچڻ بعد 6 ضلعن ۾ ايم سڪس موٽروي پراجيڪٽ جا فنڊ فريز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي

 سنڌ سرڪار جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته مٽياري ۽ نوشهروفيروز ضلعن ۾ پراجيڪٽ اندر گهوٻين جي نشاندهي ٿي، ڊي سي مٽياري عدنان رشيد ۽ ٻيا جوابدار گرفتار آهن

مرتضيٰ وھاب موجب ڊي سي نوشهروفيروز تاشفين عالم جو نالو به ايف آءِ آر ۾ شامل ڪيو ويو آهي، سنڌ سرڪار جي جوڙيل جَي آءِ ٽي جاچ ڪري رهي آهي، گرفتار ڪيل اڳوڻي ڊي سي عدنان رشيد کان 40 ڪروڙ هٿ ڪيا ويا

سنڌ سرڪار جي ترجمان موجب گرفتار ڪيل اڳوڻي اي سي نيو سعيد منصور عباسي وٽان 22 ڪروڙ روپيا هٿ ڪيا ويا، سنڌ بينڪ جي ايريا مئنيجر تابش شاهه کي به گرفتار ڪري جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔