نجي وڊيوز اڳوڻي مڱيندي ليڪ ڪيون: ردا اصفهان

اداڪارا ردا اصفهاني انڪشاف ڪيو آهي ته سندس نجي وڊيوز سندس اڳوڻي مڱيندي ليڪ ڪيون

ردا اصفهاني هڪ انٽرويو ۾ چيو ته اڳوڻي مڱيندي نجي وڊيوز ليڪ ڪري اعتماد ٽوڙيو، دل گهرندي آهي ته جيڪڏهن ڪٿي نظر اچي وڃي ته کيس چماٽون هڻان

هن ٻڌايو ته اڳوڻو مڱيندو امير نه هو، ساڻس شادي جو فيصلو ڪيو، پر جڏهن امريڪا رواني ٿيس ته پٺيان هُن وڊيوز ليڪ ڪيون

اداڪارا لڙڪ لاڙيندي ٻڌايو ته وڊيو اسڪينڊل جي مامري تي کيس اڃا به طعنا ملندا آهن، نه وڊيو اسڪينڊل ڪيريئر تي به گهرو اثر ڇڏيو

ردا اصفهاني جو چوڻ هو ته ان وقت منهنجي والدين ۽ گهرڀاتين کي جيڪا تڪليف پهتي، ان لاءِ مان پاڻ کي معاف نه ڪري سگهيس، اهو درد مون سان گڏ منهنجي قبر تائين ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔