شاهد آفريدي سکر پهتو، نوجوانن لاءِ اهم اعلان

سکر: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان شاهد آفريدي مقامي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ شرڪت لاءِ سکر پهچي ويو

شاهد آفريدي چيمبر آف ڪامرس جو به دورو ڪيو، جنهن دوران واپارين پاران کيس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پهرايو ويو

شاهد آفريدي چيو ته سنڌ ۾ وڏو ٽئلينٽ موجود آهي، ڏاهاڻي ۽ ٻيا سنڌي نوجوان قومي ٽيم جو حصو بڻيا

هن چيو ته وڌيڪ گرائونڊ ۽ اڪيڊميز فعال ٿينديون ته سنڌ جو اڃا وڌيڪ ٽئلينٽ سامهون ايندو، مان نوجوانن لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔