ڳالهين لاءِ شرط ناهن رکيا ويندا، عمران خان ۾ هاڻ سنجيدگي اچڻ گهرجي: مراد علي شاهه

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اتحادين عمران خان سان گڏ ڪم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين گهڻو ڪجهه سکي ورتو هوندو، هاڻ ان ۾ سنجيدگي اچڻ گهرجي.

ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته عمران خان کي بي اعتمادي ذريعي جمهوري طريقي سان ڪڍيو ويو، هو پنهنجي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو، الله جو شڪر آهي ته سندس اقتدار ختم ٿي ويو، ڳالهين لاءِ شرط ناهن رکيا ويندا، پاڪستان جي بهتري لاءِ ڳالهه ٻولهه ضروري آهي، عمران خان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته پوئتي نه هٽنداسين.

هن چيو ته مونس الاهي جيڪو چيو آهي ان کان پڇو، اسان عمران خان کي آئيني طريقي سان ڪڍيو، ايتري ڳالهه انهن کي سمجهه ۾ نٿي اچي، عمران خان سنڌ لاءِ ڪجهه نه ڪيو، 11 سئو ارب رپين جو اعلان ڪري هليو ويو، عمران خان به ٽيلي ٿون ذريعي پئسا گڏ ڪيا هئا، اهي ڪاڏي ويا؟

سندس چوڻ هو اسان کي خبر آهي ته ماڻهو تڪليف ۾ آهن، ملڪ ۾ بدترين ٻوڏ آئي، جنوري ۾ ڊونر ڪانفرنس ٿيڻ واري آهي، ان لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، ٻوڏ سبب 20 هزار کان وڌيڪ اسڪول تباهه ٿيا، چونڊون اسڪولن ۾ ڪرايون وينديون آهن، اڳ ۾ ماڻهن کي ته بچايون، چونڊون وقت تي ٿينديون.

مراد علي شاهه چيو ته صوبي جي بهتري لاءِ ايم ڪيو ايم سان گڏ هلڻ چاهيون ٿا، انهن سان اڳ به اتحاد رهيو آهي، ايم ڪيو ايم وارا اڳ به پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪندا رهيا آهن، سندن خدشا ختم ڪنداسين.

ان کان اڳ ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب سان خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته 2009 ۾ آصف زرداري افغانستان ويو هو، اتي آصف زرداري جي سنڌي ٽوپي تي اعتراض ڪيو ويو، ان کانپوءِ سنڌ اهو ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو، شاگردن تمام سٺي انداز ۾ ثقافت کي پيش ڪيو، هتي پاڪستان جي سڀني رنگن کي ڏٺو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔