ڀارت ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندو: آرمي چيف

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارت پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندو.

آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف لائن آف ڪنٽرول جي رک چڪري سيڪٽر جو دورو ڪيو، جتي کيس ايل او سي جي تازي صورتحال ۽ فارميشن جي آپريشنل تيارين تي بريفنگ ڏني وئي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري ٻڌايو ته آرمي چيف آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن پيشيوراڻي قابليت ۽ بلند حوصلي کي ساراهيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته اسان گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير بابت ڀارتي قيادت جي تازي غير ذميوار بيانن جو نوٽيس ورتو آهي، هٿياربند فوج وطن جي دفاع لاءِ هر وقت تيار آهي.

هن چيو ته اسان دشمن جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏينداسين، ڀارت ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، دنيا گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب ڪشميري عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔