پيپلزپارٽي جو يوم تاسيس: اڄ ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جلسو ٿيندو

ڪراچي : پيپلز پارٽي اڄ 55 هون يوِم تاسيس ملهائي رهي آهي، اڄ شام ڪراچي جي نشتر پارڪ ۾ جلسو ٿيندو، جلسي کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا

وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته پيپلز پارٽي 55 سال ۽ ٽن نسلن جو داستان آهي، ڪا ڪجهه ورهين جي ڳالهه ناهي، ماضيءَ ۾ پيپلز پارٽي کي ختم ڪرڻ جون ڪيتريون ئي سازشون ڪيون ويون

پيپلز پارٽي اڄ به بلاول ڀٽو جي سرواڻي ۾ شهيد ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي مشن تي عمل پيرا آهي، پيپلزپارٽي جا ڪارڪن اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم تاسيس ملھائي رھيا آھن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔