فواد چوڌري جي آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات

پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ڪئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته فواد چوڌري اسلام آباد ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ڪئي
ون آن ون ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري تصديق ڪندي چيو آهي ته آمريڪي سفير سان معمول واري ملاقات ٿي هئي
واضح رهي ته هي ڊونلڊ بلوم اُهو ئي سفير آهي، جنهن بابت پي ٽي آءِ قيادت الزام هڻندي رهي آهي ته اُن ذريعي امريڪا پاڪستان ۾ عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ڌمڪي ڏني هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔