حيدرآباد ۾ نامياري راڳي برڪت فقير جي نوجوان پٽ جو واڌو واھ مان لاش هٿ

حيدرآباد ۾ نامياري راڳي برڪت فقير جي نوجوان پٽ جو راڻي باغ ڀرسان واڌو واهه مان لاش هٿ آيو آھي

نامياري راڳي برڪت فقير جي نوجوان پٽ جو راڻي باغ ڀرسان واڌو واھ مان لاش مليو آھي

ان سلسلي ۾ نوجوان مھر علي جي والد برڪت علي جو چوڻ آهي ته 19ورهين جو مهر علي رات ڏيڍ وڳي گهران نڪري ويو هو ۽ 3 وڳي سندس لاش واڌو واهه مان مليو

برڪت فقير موجب پٽ جي منهن تي سوڄ آهي،  خبر نٿي پوي ته سندس موت ڪيئن ٿيو، ٻئي پاسي نوجوان سنڌ ميوزيم ڪالوني ۾ رهندو هو، سندس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي

راڳي برڪت فقير جي پُٽ جو موت: وڏي وزير نوٽيس ورتو

حيدرآباد ۾ راڳي برڪت فقير جي نوجوان پُٽ جي هٿ آيل لاش واري واقعي جو وڏي وزير مراد علي شاهه نوٽيس ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔