سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فلم “جوائي  لينڊ ”جي ريليز  خلاف درخواست رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ فلم “جوائي  لينڊ ”جي ريليز جي خلاف داخل  درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ ڌرين دليل ڏنا

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فلم جي ريليز آئين جي آرٽيڪل 227 جي خلاف  ورزي آهي، فلم کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ کان روڪيو وڃي

مولوي اقبال حيدر چيو ته پاڪستان ۾ اسلام جي روح ۽ تعليم جي خلاف ڪوبه ڪم نٿو ڪري سگهجي

چيف جسٽس احمد علي شيخ درخواستگذار کان سوال ڪيو ته اوهان فلم ڏٺي آهي؟، جنهن تي درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته فلم جو مواد ان قابل ناهي جو ان تي کلي عام عدالت ۾ بحث ٿي سگهي

چيف جسٽس درخواستگذار سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان فلم ڏٺي ناهي ۽ پابندي  جي لاءِ عدالت هليا آيا آهيو

عدالت علي جوڻيجو جي فلم جوائي لينڊ جي رليز خلاف درخواست نه ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔