سنڌ پوليس جا اهلڪار اسلام آباد اماڻڻ خلاف درخواست رد

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار اسلام آباد موڪلڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

سنڌ پوليس جي نفري اسلام آباد اماڻڻ خلاف اپوزيشن  ليڊر حليم عادل شيخ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن تي عدالت ٻڌڻي هلائي

چيف جسٽس درخواستگذار اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ کان سوال ڪيو ته اوهان ٻڌايو آئين جي ڪهڙي  شق جي خلاف ورزي ٿي آهي؟

حليم عادل شيخ جي وڪيل ٻڌايو ته آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 16 جي خلاف ورزي ٿي آهي، جنهن تي عدالت چيو ته احتجاج اسلام آباد ۾ ٿي رهيو آهي، اتي ريلي کي روڪڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟

عدالت حليم عادل شيخ جي درخواست کي نه ٻڌڻ  جوڳي قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو

واضح رهي ته سنڌ پوليس جا 6 هزار اهلڪار اسلام آباد ۾ لانگ مارچ جي سيڪيورٽي لاءِ پهتل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔