جاچ ادارن موجب عمران خان تي حملي جا خدشا آهن: اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ کي جلسو ڪرڻ لاءِ انتظاميا کي نئين درخواست ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي

پي ٽي آءِ جي جلسي ۽ ڌرڻي لاءِ اين او سي جاري ڪرڻ بابت داخل ڪرايل درخواست تي چيف جسٽس عامرفاروق ٻڌڻي ڪئي

ٻڌڻي دوران عمران خان تي ٿيندڙ حملي جي خدشي بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، چيف جسٽس چيو ته جاچ ادارن موجب عمران خان تي حملي جا خدشا آهن

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته حڪومت ۽ رياست جي ذميواري آهي ته اُهي هن معاملي کي ڏسن، احتجاج هر ڪنهن جو حق آهي، پر ڪنهن شهري جا حق متاثر نه ٿيڻ گهرجن

چيف جسٽس چيو ته پي ٽي آءِ انتظاميا کان اجازت وٺڻ لاءِ نئين درخواست ڏين، جيڪڏهن اجازت ملي به ته اِها خاطري ڪرائي وڃي ته روڊ بلاڪ نه ٿيندا، عدالت ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔