فلم “جوائي لينڊ” خلاف شڪايت، وزيراعظم پاران 8 رڪني ڪاميٽي قائم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف فلم “جوائي لينڊ” خلاف شڪايت تي غور لاءِ 8 رڪني ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي

\قانوني واري وزير جي سربراهي ۾ 8 رڪني ڪاميٽي ۾ اطلاعات، مواصلات، سيڙپڪاري ۽ آءِ ٽي جا وزير شامل آهن. گلگت بلتستان مشير، پي ٽي اي چيئرمين ۽ چيئرمين پيمرا به ڪاميٽي جو حصو آهي

ڪاميٽي فلم جي سماجي ۽ اخلاقي قدرن خلاف شڪايت تي غور ڪندي ۽ پنهنجي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪندي. فلم جي ڪاسٽ ۾ سرمد کوسٽ، ثروت گيلانا، علينا خان، سهيل سمير، سلمان پير، ثانيه سعيد، ڪنول کوسٽ، زويا احسن، ثنا جعفري ۽ قاسم عباس سميت ٻيا اداڪار شامل آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔