ڪراچي: گهر اندر گئس سلينڊر ڦاٽي پيو، هڪ ڪٽنب جا 5 ڀاتي زخمي

ڪراچي :ڪراچي جي علائقي نيوگوليمار جي هڪ  گھر اندر سلينڊر جي ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي زخمي ٿي پيا.

ريسڪيو عملدارن موجب واقعو نيو گوليمار جي علائقي ڦول واري گهٽي ويجهو پيش آيو، جتي کاڌو پچائڻ دوران سلينڊر ڦاٽڻ سبب زال مڙس ۽ سندن ٽي ٻار سڙي زخمي ٿي پيا،  زخمين کي سول اسپتال جي برنس وارڊ منتقل ڪيو ويو جن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ريسڪيو ذريعن موجب زخمين ۾ 45 ورهين جو وسيم، سندس زال انبرين، 2 ڌيئرون 10 سالن جي رباب، 7 سالا ام حبيبه ۽ هڪ پٽ 12 سالا سميع شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔