عمران خان توشه خانه مان چوري ڪرڻ ۽ ادارن خلاف ڳالهائڻ باوجود لاڏلو بڻيل آهي: شرجيل ميمڻ

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آھي ته عمران خان توشه خانه مان چوري ڪرڻ ۽ ادارن خلاف ڳالهائڻ باوجود لاڏلو بڻيل آهي، اڄ به عمران خان کي رليف حاصل آهي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان تحفي ۾ مليل گهڙي وڪرو ڪري ملڪ جو سودو ڪيو، سنڌ سرڪار صوبي جي ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائڻ لاءِ پئسا ڏيڻ واري آهي

شرجيل ميمڻ جو چوڻ ھو ته هارين کي في ايڪڙ تي ٻج لاءِ 5-5 هزار روپيا به ڏنا ويندا، صوبائي وزير پاران صحت کاتي جي ملازمن کي احتجاج ختم ڪرڻ جي به اپيل، شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪورونا وبا جو دٻاءُ گهٽجي ويو آهي، ملازمن کي رسڪ الائونس نه ٿا ڏئي سگهون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔