انڊسٽري ۾ مردن کي ڀاءُ چوڻ شوق نه پر مجبوري آهي: اشنا شاهه

اداڪارا اشنا شاهه گڏ ڪم ڪندڙ مردن کي ڀاءُ ڪوٺڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.

مائيڪروبلاگنگ ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي اشنا شاهه لکيو ته اڪثر ماڻهو پڇندا آهن ته ڀاءُ ڇو پيا ڪوٺيون، پيشاوراڻا ماحول ۾ اسان کي ڀاءُ چوڻ جو شوق نه پر مجبوري هوندي آهي.

اداڪارا لکيو ته جيئن ڀاءُ نه چئجي ته گهڻن مردن جو دماغ خراب ٿي ويندو آهي.

هن چيو ته جيئن ڇوڪري يا عورت کي ڪوليگ يا پيشواراڻا دوست جي حيثيت سان وٺجي ته ڀاءُ ڪوٺڻ جي ضرورت ئي نه پئي.

ان کان اڳ به اشنا شاهه شوبز انڊسٽري جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا ۽ ٻڌايو ته اتي شيون حقيقت جي ابتڙ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔