لڪي مروت ۾ دهشتگردن جو پوليس موبائيل تي حملو، 6 اهلڪار شهيد

لڪي مروت: لڪي مروت ۾ دهشتگردن جو پوليس موبائل تي حملو، اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪار شهيد ٿي ويا

پوليس موجب لڪي مروت ۾ هفتيوار ميلي ۾ پوليس موبائيل سيڪيورٽي لاءِ وڃي رهي هئي ان دوران موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن  ڊاڊيولا ٿاڻي جي حدن ۾ موبائيل انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڇهه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.

پوليس ترجمان موجب دھشتگردن جي حملي ۾شهيد ٿيندڙن ۾ موبائيل جو ڊرائيور ۽ ڊيوٽي انچارج اي ايس آءِ پڻ شامل آهن، جڏهن ته شهيد ٿيندڙن جي سڃاڻپ اي ايس آءِ علم دين، سپاهي پرويز، احمد، دل جان، عبدالله ۽ محمود جي نالن سان ٿي آهي.

ڊي پي او موجب واقعي کانپوءِ دهشتگردن جو گهيرو تنگ ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 ٻئي پاسي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله لڪي مروت حملي جي مذمت ڪندي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ڪي پي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

وزيراعظم شهباز شريف پوليس تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي،

 وزيراعظم شھباز شريف چيو آھي ته وطن جي سلامتيءَ لاءِ  جانين جو نذرانو ڏيندڙ پٽن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي،   امن امان لاءِ پوليس جون قربانيون رائيگان نه ٿينديون، دهشتگرد پاڪستان جا دشمن آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔