خيبرپختونخواهه ۾ فوج جو آپريشن، اهم دهشتگرد مارجي ويو، هڪ جوان شهيد

راولپنڊي: خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ اهم دهشتگرد ڪمانڊر لياقت علي مارجي ويو، جڏهن ته فائرنگ ۾ پاڪ فوج جو هڪ جوان به شهيد ٿي ويو

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخواهه جي علائقي شڪاس ۾ آپريشن ڪيو، جنهن دوران پاڪ فوج ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته فائرنگ جي نتيجي ۾ دهشتگردن جو اهم ڪمانڊر لياقت علي عرف شاهين مارجي ويو، جڏهن ته پاڪ فوج جو جوان سليم خان بهادري سان دهشتگردن سان وڙهندي شهيد ٿي ويو، جنهن جو تعلق صوابي سان آهي

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد ٽارگيٽ ڪلنگ، دهشتگردي ۽ ڀتا خوري ۾ ملوث هو، سندس قبضي مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اسان جي بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون اسان جو عزم مضبوط ڪن ٿيون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔