ڪينيا ۾ خوفناڪ ڏڪار، درجنين هاٿي ۽ زيبرا مري ويا

ڪينيا ۾ خوفناڪ ڏڪار دوران سوين هاٿي ۽ درجنين جهنگلي جانور، جن ۾ زيبرا به شامل آهن، مري ويا آهن

ميڊيا رپورٽ موجب ڪينيا جي وائلڊ لائيف سروس رينجرز، ڪميونٽي اسڪائوٽ ۽ ريسرچ ٽيم جي انگن اکرن موجب گذريل 9 مهينن ۾ 205 هاٿي، 512 ڍڳا مري ويا، اهو سلسلو چئن سالن کان جاري آهي، اُن کان اڳ به 381 زيبرا، 51 مينهون ۽ 12 زراف به مري چڪا آهن

ميڊيا رپورٽن موجب ڪينيا جي سياحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته ڏڪار سبب گاهه تي پلجندڙ جانور متاثر ٿيا آهن، لڳاتار 4 موسمن جي اوسط کان گهٽ برسات سبب درياهه خشڪ ٿي ويا آهن ۽ زمينون بنجر ٿيڻ سبب جانورن جو چارو ختم ٿي ويو آهي

ورلڊ فوڊ پروگرام موجب صوماليا، ايٿوپيا ۽ ڪينيا ۾ گذريل چئن سالن دوران ڏڪار جي صورتحال آهي، جنهن سبب 18 ملين ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار ٿي ويا آهن

ان حوالي سان گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته هي خطي ۾ گذريل 4 سالن جي عرصي جو خطرناڪ ڏڪار آهي، جنهن ۾ جانور ۽ انسان متاثر ٿي رهيا آهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔