مشهور ڳائڻو ظفر رامي لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي: اسٽيج، ڪيسٽ ۽ فلم انڊسٽري جو سينيئر گلوڪار ظفر رام لاڏاڻو ڪري ويو آهي

ظفر رامي جي فوت ٿيڻ جي تصديق سندس گهر ڀاتين ڪئي آهي ۽ گهرڀاتين موجب مرحوم جي جنازي نماز اڄ عصر جي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي

خانداني ذريعن موجب ظفر رام جي جنازي نماز سني هائٽس راشد منهاس روڊ ڪراچي ۾ ادا ڪئي ويندي

ظفر رامي ڳائڻ جي شروعات 1991ع ۾ مشهور ۽ ليجنڊ گلوڪار احمد رشدي جي گاني، ڪبهي تو تم ڪو ياد آئي گي” سان ڪئي،  1994ع ۾ ظفر رامي پاڪستاني فلمن لاءِ پلي بيڪ ڳائڻ شروع ڪيو، هن مختلف ڊرامن ۾ ڪردار پڻ ادا ڪيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔