عمران خان تي حملي واري ڪيس جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي حملي بابت عدالتي حڪم تي داخل ايف آءِ آر جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي

پنجاب پوليس جي انسپيڪٽر جنرل فيصل شاهڪار تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي لانگ مارچ دوران ٿيل حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي آهي

آءِ جي پنجاب پاران سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان تي قاتلاڻي حملي جو ڪيس سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ داخل ڪيو ويو آهي

وزيرآباد سٽي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ قلم 302، 324 سميت دهشتگرديءَ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي عمران خان تي حملي جو ڪيس 24 ڪلاڪن اندر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ طلب ڪري ورتي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔