عمران خان تي حملو: جوابدار تياري ڪري آيو ھو: شروعاتي جاچ ۾ اھم تفصيل سامھون اچي ويا

وزيرآباد :چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان ۽ حملي جي جاچ جاري آھي جنھن ۾ پوليس ۽ فارنزڪ ٽيمون واقعي واري ھنڌ تان ثبوت گڏ ڪري رھيون آھن

پوليس موجب گرفتار جوابدار نويد ۽ ان جي گھروارن کان بھ جاچ جاري آھي، جڏھن تھ واقعي واري ھنڌ کان ملندڙ گولين جا خول ۽ وڊيوز جو بھ جائزو ورتو پيو وڃي

شروعاتي جاچ موجب جوابدار حملي جي لاءِ نائن ايم ايم پستول استعمال ڪيو، جوابدار وٽان پستول، 2 ميگزين ۽ 20 گوليون برآمد ٿيون آھن، جڏھن تھ واقعي واري ھنڌ وٽان گولين جا 11 خول مليا آھن جن مان 9 خول نائن ايم ايم پستول ۽ 2 ٻئي ھٿيار جا آھن

پوليس ۽ سڪيورٽي ادارن موجب واقعي واري هنڌان 9 پسٽل ۽ وڏي هٿيار جَي 2 گولين جا خول مليا آهن، پسٽل جون گوليون ڪنٽينر جَي هيٺين طرف کان مٿي ۽ وڏي هٿيار جون گوليون ڪنٽينر جَي هيٺان کان فائر ڪيون ويون

 نوجوان معظم جوابدار کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران گولين جو کاڄ بڻيو، واقعي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿيا ھئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔