سنڌ سرڪار ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ سرڪار ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٽن مهينن تائين مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، ان حوالي سان آءِ جي سنڌ جي رپورٽ اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻي وئي آهي.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ڊويزن ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ پوليس نفري گهربل آهي، هر پولنگ اسٽيشن تي 4 کان 8 اهلڪار گهربل آهن  جڏهن ته پوليس نفري ٻوڏ سبب ٽن مهينن تائين مصروف رهندي.

اليڪشن ڪميشن 28 هين آڪٽوبر تي مڪاني چونڊن بابت جواب ڪيو هو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وفاقي گهرو وزارت به 5 هزار اهلڪار گهريا هئا، اهي پوليس اهلڪار آءِ جي اسلام آباد جي ماتحت آهن.

رپورٽ وڌيڪ چيو ويو ته سنڌ پوليس جا اهلڪار ڪورونا ويڪسنيشن ۾ به رُڌل آهن، اهڙي صورتحال ۾ پرامن ۽ شفاف مڪاني چونڊون ڪرائڻ ممڪن نظر نه پيو اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔