پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ فائرنگ، عمران خان ۽ فيصل جاويد زخمي

گوجرانوالا ۾ عمران خان جي ڪنٽينر ويجهو فائرنگ جو واقعو پيش آيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته عمران خان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيو آهي

پوليس ذريعن موجب گوجرانوالا ۾ الله والا چوڪ تي پي ٽي آءِ جي استقباليه ڪيمپ تي فائرنگ ڪئي وئي آهي، عمران خان جو ڪنٽينر به الله والا چوڪ وٽ موجود هو

ميڊيا رپورٽس موجب گولي لڳڻ سبب عمران خان زخمي ٿيو آهي، جنهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چار ڪارڪن به زخمي ٿيا آهن

پوليس موجب ڪنٽينر ڀرسان بيٺل شخص پسٽل مان 3 کان 4 فائر ڪيا، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آھي تھ حملي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل جاويد بھ زخمي ٿي پيو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔