فرياديءَ جو اسان تي اعتماد ناهي رهيو : جسٽس اطهرمن الله

اسلام آباد:  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته 70 سالن کان لاڳو نظام ۾ سڌارا ۽ تبديلي ضروري آهي، ان نظام کي جادو جي لٺ سان تبديل نٿا ڪري سگهون.

شاهراهه دستور وٽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي نئين عمارت ۾ عارضي قانوني سهولت مرڪز جو افتتاح چيف جسٽس اطهر من الله ڪيو .

تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله چيو ته سستو ۽ تڪڙو انصاف نه ملندو ته عمارتون ڪا به اهميت نٿيون رکن، اسان جو وجود ئي فريادي لاءِ آهي، ڇا اسان تي فريادي جو اهڙو اعماد آهي جيڪو هجڻ گهرجي؟

سندس چوڻ هو ته اسان تي فريادي جو اعتماد اهڙي نموني ناهي جيئن هئڻ گهرجي، سياسي قائد به فريادي جي اعتماد کي بحال ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، اسان کي سائلين جو اعتماد کي بحال ڪرڻو آهي اهو ئي اسان جو مقصد آهي.

هن چيو ته ستر سالن وارن نظام جادو جي لٺ سان تبديل نٿو ڪري سگهجي، اسان جو مقصد فريادي جي خدمت ڪرڻ آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڌارن ذريعي انصاف واري نظام کي مضبوط ڪيو وڃي، شهري کي سستو ۽ تڪڙو انصاف اسان جو مقصد آهي، اميد ڪيان ٿو ته رياست شهرين لاءِ سستو انصاف وارو واعدو پورو ڪندي، عداليا ڪيئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته تنقيد سان ججن جي اطلاح ٿيندي آهي، اسان کي تنقيد کان ڊپ ناهي، اسان تنقيد کان نٿا گهٻرايون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔