عمران خان جو مقصد اليڪشن نه پر رتو ڇاڻ ۽ مارشل لا لڳرائڻ آهي: وفاقي وزير

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان حڪومت بچائڻ لاءِ آرمي چيف کي مدي  ۾ واڌ ڪرڻ جي آڇ ڪئي، سندس مقصد اليڪشن نه پر رتو ڇاڻ ۽ مارشل لا لڳرائڻ آهي

وفاقي وزير مريم اورنگزيب موجب ڌمڪيون ۽ گار گند ڪرڻ سان اليڪشن نه ملندي، حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪندي، عمران خان کي نااهلي جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو آهي ته عمران خان اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ چاهي ٿو پر ائين ٿيڻ نه ڏينداسين، لانگ مارچ ۾ ڪجهه ماڻهن جي اڳيان بيهي چوي ٿو ته پورو ملڪ مون سان گڏ بيٺل آهي، اسلام آباد پهچڻ کان اڳ ئي کيس واپس اماڻيو ويندو

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔