پاڪستان، آءِ ايم ايف ڳالهيون، عالمي ادارو ڪهڙا مطالبو ڪندو؟

عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) طرفان پاڪستان ڊومور جو مطالبو ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ مهيني کان شروع ٿينديون، ڳالهين دوران نائين اقتصادي جائزو تي ڳالهه ٻوله ڪئي ويندي.

ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب ڳالهين ۾ پاڪستان کان آءِ ايم ايف طرفان ڊو مور جو مطالبو ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پيٽرول تي ليوي 31 ڊسمبر تائين پنجاهه رُپيا في ليٽر ڪرڻ جو مطالبو ڪري سگهي ٿو جڏهن ته ڊيزل تي ليوي اپريل 2023ع تائين پنجاهه رُپيا في ليٽر ڪرڻ جو مطالبو به ڪري سگهي ٿو.

ذريعن موجب ڳالهين ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽئڪس لاڳو ڪرڻ جو مطالبو ٿي سگهي ٿو، آءِ ايم ايف سان ڳالهين دوران پيٽروليم شين تي زيرو سيلز ٽئڪس کي مرحليوار ختم ڪرڻ تي ڳالهيون ٿينديون، ٽئڪس آمدني وڌائڻ لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳالهين دوران سبسڊيز کي محدود ڪرڻ ۽ رڳو غريب طبقي لاءِ مختص ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻول ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔