اڄ پيٽرول مهانگو ٿيندو يا سستو؟ وڏي خبر اچي وئي

اسلام آباد: پيٽروليم شين جا اگهه برقرار رهندا يا ڦير ڦار ٿيندي؟ ان جو فيصلو اڄ ٿي ويندو.

ايندڙ پندرنهن ڏينهن لاءِ پيٽروليم شهين جي اگهن ۾ واڌ يا لاٿ جو اعلان اڄ ڪيو ويندو.

ذريعن موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ ڦيرڦار وزيرعطم جي منظوري ملڻ کانپوءِ ڪئي ويندي، جڏهن ته اگهن ۾ رليف جو امڪان نه آهي.

ذريعن موجب پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم ليوي ۾ لاٿ سبب ڪجهه رليف ملي سگهي ٿو.

حڪومتي ذريعن موجب ويجهڙائي ۾ رپئي جي قدر ۾ لاٿ آئي آهي، جڏهن ته ڪچي تيل جا اگهه وڌيا آهن، هن وقت پيٽرول تي 47 رُپيا 26 پئسا في ليٽر ليوي ٽئڪس لاڳو آهي، هاءِ اسپيڊ تي 7 رُپيا 14 پئسا في ليٽر ليوي وصول ڪئي پئي وڃي.

وفاقي حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل تي پنجاهه رُپيا في ليٽر ليوي لڳائڻ جو اختيار آهي، هن وقت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي سيلز ٽئڪس زيرو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔