تحريڪ انصاف اڳواڻ علي امين گنڊاپور جي هٿيار ۽ ماڻهو آڻڻ واري مبينه آڊيو ليڪ ٿي وئي

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله پريس ڪانفرنس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير علي امين گنڊاپور جي آڊيو ٻڌائي ڇڏي.
آڊيو ليڪ ۾ علي امين گنڊا پور هڪ شخص کان هٿيار ۽ ماڻهو آڻڻ جو چئي رهيو آهي. آڊيو جي متن ۾ نامعلوم شخص چوي ٿو ته جي علي خان؟ ان تي علي امين گنڊاپوري چوي ٿو صدر صاحب ڪهڙي پوزيشن آهي؟ جنهن تي نامعلوم شخص جواب ڏئي ٿو ته سر پوزيشن ته اي ون آهي. اوهان ٻڌايو؟ علي امين گنڊا پوري کيس چوي ٿو ته هٿيار ڪيترا آهن؟ جنهن تي نامعلوم شخص چوي ٿو ته تمام گهڻا آهن. جنهن تي علي امين گنڊا پوري نامعلوم شخص کان پڇي ٿو ته لائسنس؟ ان تي نامعلوم شخص جواب ڏئي ٿو ته لائسنس به تمام گهڻا ۽ ماڻهو جيترا گهرندو اوترا ملي ويندا. علي امين گنڊا پور جواب ڏنو ته اسان هتي ڪيمپ لڳائي رهيا آهيون. ان سان گڏ ئي ويجهي ڪالوني ۾. جنهن تي نامعلوم شخص جواب ۾ چوي ٿو ته جي. علي امين گنڊا پوري پڇي ٿو ته هتي ويجهي جڳهه ڪهڙي آهي جيڪا ڪالوني ۾ لڳي ٿي. جنهن تي نامعلوم شخص پڇي ٿو ته اسان وٽ
ان تي علي امين گنڊا پور جواب ڏئي ٿو ته بارڊر تي، اسلام آباد پنڊي جي بارڊر تي، ٽول پلازا کان پوءِ ليفٽ سائيڊ تي ڪهڙي جڳهه آهي؟ ٽاپ سٽي آهي يا ڪيپيٽل؟ جنهن تي نامعلوم شخص جواب ۾ چوي ٿو ته ٽاپ به آهي، ڪيپيٽل به آهي. تمام گهڻيون جڳهون آهن اوهان حڪم ڪريو؟ ان تي علي امين گنڊا پور چوي ٿو ته ٽاپ ته ايئرپورٽ تي آهي نه. نامعلوم شخص جواب ڏئي ٿو ته ٽاپ ته ايئرپورٽ واري آهي پر مان ته اوهان کي پورو نقشو اماڻيو هو؟ جنهن تي علي امين گنڊا پور ٻيهر چوي ٿو ته مون کي اهو نقشو مليو آهي، اهو مون وٽ محفوظ آهي اوهان بس ماڻهو ۽ سامان تيار رکو. ان تي نامعلوم شخص چوي ٿو ته سائين ڪو مسئلو نه آهي. انشاءَالله. جنهن تي علي امين گنڊا پور جواب ڏئي ٿو ته بس پوءِ رابطي ۾ آهيون انشاءَالله، جواب ۾ نامعلوم شخص به چوي ٿو ته جي سائين انشاءَالله.
ٻئي طرف ان حوالي سان وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته علي امين گنڊا پور اسلام آباد ۾ هجي ها ته کيس گرفتار ڪري وٺون ها ڪنهن به آپريشن جي ڪاميابي لاءِ ضروري هوندو آهي ته ان کي آن ايئر نه ڪيو وڃي.
هن چيو ته لانگ مارچ جي خلاف رد عمل ڏينداسين عمران خان جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔