دعا ڀٽو حليم عادل شيخ کان خلع جي دعويٰ ڇو ڪئي؟ سبب سامهون اچي ويا

ڪراچي: (ڇنڇر: 29 آڪٽوبر 2022ع) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي گهر واري دعا ڀٽو طرفان خلع جي دعويٰ داخل ڪرڻ جا سبب سامهون اچي ويا آهن.
دعا ڀٽو طرفان جمع ڪرايل خلع جي دعويٰ ۾ چيو ويو آهي ته 2018 ۾ حليم عادل شيخ سان شادي ٿي هئي. پنج لک روپيه حق مهر مقرر ڪيو ويو هو جيڪو اڃان اتائين ادا ناهي ڪيو ويو. نڪاح نامو حليم عادل شيخ وٽ آهي جيڪو اڃان تائين مون کي ناهي ڏنو ويو
خلع جي دعويٰ موجب 10 سيپٽمبر 2019 تي اسان جو پٽ ڪامل حليم پيدا ٿيو، حليم عادل شيخ جي پهرين شادي بابت مون کي بعد ۾ خبر پئي. حليم عادل شيخ جي پهرين زال ۽ ٻار منهنجي زندگي ۾ مداخلت ڪندا آهن.
عدالت ۾ جمع ڪرايل دعويٰ موجب حليم عادل شيخ جو رويو روزاني تبديل ٿي رهيو آهي. هو مون کي نظر انداز ڪندو رهيو آهي. حليم عادل شيخ بدتميزي ۽ ذهني طور تي پريشان ڪندو رهيو آهي. حليم عادل شيخ منهنجي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي.
دعا ڀٽو پنهنجي دعويٰ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته حليم عادل شيخ جو رويو نامناسب آهي ان سان گڏ وڌيڪ نٿي رهڻ چاهيان. حليم عادل شيخ پنهنجي پهرين ٻن زالن کي بنگلن ۾ رکيو آهي جڏهن ته مون کي ڪرائي جي فليٽ ۾ رکيو آهي.
هن پنهنجي خلع نامي ۾ عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته حليم عادل کان خلع ڏياري وڃي ۽ 5 لک روپيه ماهوار خرچ به ڏيارڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔