ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل 2 سنڌي نوجوانن جا لاش اباڻن علائقن ڏانهن روانا

ڪراچي: ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ٿيل 2 سنڌي نوجوانن جا لاش سندن اباڻن علائقن ڏانهن روانا ڪيا ويا آهن.
هجوم هٿان قتل ٿيل اسحاق جو مڙهه نوشهروفيروز ۽ ايمن جاويد جو مڙهه ٺٽي ڏانهن اماڻيو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾ ٽيلي ڪام ڪمپني جي وحشياڻي طريقي سان قتل ٿيندڙ ٻئي ملازم علائقي ۾ موبائل فون جا سگنل چيڪ ڪرڻ آيا هئا. هنن هڪ ٻارڙي کان رستو پڇيو ته اتي موجود ماڻهن کين اغوا ڪندڙ سمجهي ڏنڊن، پٿرن، لتن ۽ ٺونشن سان ايترو تشدد جو نشانو بڻايو جو ٻئي ڄڻا موقعي تي قتل ٿي ويا.
شروعاتي طور تي پوليس جو چوڻ هو ته ٻئي ڄڻا ٻارن کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جنهن کي پڪڙي علائقي جي رهواسين تشدد جو نشانو بنايو. جنهن کان پوءِ ڊي آءِ جي سائوٿ واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڪياماڙي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔