عوام ظلم خلاف اٿي نه بيٺو ته پوءِ رڳو تباهي ۽ بربادي آهي: عمران خان

سيالڪوٽ: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته عوام ظلم جي خلاف اٿي نه بيٺو ته پوءِ رڳو تباهي ۽ بربادي آهي

عمران خان چيو ته آمريڪا اسان جي مٿان چورن کي مڙهي ڇڏيو آهي، جيستائين زنده آهيان چورن جو مقابلو ڪندو رهندس

سيالڪوٽ ۾ شاگردن ۽ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته خبر نه آهي ته توهان سان ٻيهر ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ملندو الائي نه، ملڪ ۾ انصاف نه رهيو آهي

هن چيو ته قوم کي فيصلائتي تحريڪ لاءِ تيار ڪري رهيو آهيان

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔