عمران خان خلاف توهين ڪيس ۾ فرد جرم کانسواءِ ٻيو آپشن نه هوندو: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 10 نومبر کانپوءِ عمران خان ۽ ٻين خلاف توهين ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه هوندو

عمران خان، اسد عمر ۽ فواد چوڌري خلاف توهينِ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ميمبر نثار دراني جي سربراهيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن جي چار رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي

پي ٽي آءِ جي وڪيل انور منصور چيو ته اسان جي هاءِ ڪورٽ ۾ 31 آڪٽوبر تي ٻڌڻي آهي، توهين ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ بعد جي ڪا تاريخ مقرر ڪئي وڃي

اليڪشن ڪميشن چيو ته 10 نومبر کانپوءِ فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانسواءِ اسان وٽ ٻيو ڪو به آپشن نه هوندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔