پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ روڪڻ بابت حڪومت جي درخواست رد

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ روڪڻ بابت وفاقي حڪومت جي استدعا رد ڪري ڇڏي آهي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جمعي تي لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي

سپريم ڪورٽ وفاقي سرڪار جي عمران خان جو لانگ مارچ فوري طور رد ڪرڻ واري استدعا رد ڪري ڇڏي

ايڊيشنل اٽارني جنرل لانگ مارچ روڪڻ جي استدعا ڪئي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ۾ چيو ته ڪنهن کان به احتجاج ڪرڻ جو حق کسي نه ٿا سگهون

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جسٽس يحيٰ آفريدي پنهنجي فيصلي ۾ اڳ ئي چيو هو، هي توهان ڇا کڻي آيا آهيو

عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي چيو ته  بهتر آهي ته توهان پنهنجي درخواست واپس وٺو، هن درخواست جا قانوني اثر ٿي سگهن ٿا

 ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته توهين عدالت جي درخواست سان گڏ هيءَ متفرق درخواست آهي

چيف جسٽس چيو ته 26 مئي جي فيصلي ۾ اهو طئي ٿي ويو ته هيءَ درخواست هاڻي غير موثر ٿي چڪي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔