نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي جو نالو تبديل ڪيوويو

ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم جو نالو تبديل ڪري نيشنل بئنڪ ڪرڪيٽ ارينا رکيو ويو

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيشنل اسٽيڊيم جو نالو تبديل ڪرڻ لاءِ نيشنل بئنڪ سان معاهدو ڪري ورتو آهي

معاهدي تي پي سي بي چيئرمين رميز راجا ۽ بئنڪ جي صدر ۽ سي اي او رحمت علي حسني صحيحون ڪيون ۽ معاهدو 5 سالن لاءِ آهي

ان حوالي سان رميز راجا جو چوڻ هو ته پي سي بي سان الحاق ڪرڻ نيشنل بئنڪ لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، اسٽيڊيمز مارڪيٽنگ جو بهترين طريقو آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي قدر ڪئي ويندي آهي

هن چيو ته ڪراچي ڪرڪيٽ جو گانو آهي ۽ نيشنل اسٽيڊيم پاڪستان ڪرڪيٽ جي تاريخ آهي. نيشنل بئنڪ جي سي اي او چيو ته اها اسان جي بورڊ سان پارٽنرشپ جي شروعات آهي، قومي اداري طور ڪم ڪري رهيا آهيون، نيشنل اسٽيڊيم جا حق وٺڻ اعزاز جي ڳالهه آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔