اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان جهڙپون، چار دهشتگرد مارجي ويا

پشاور: صوبي ڪي پي جي ضلعي اتروزيستان جي علائقي اسپين وام ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ چار دهشتگرد مارجي ويا آهن.

فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ گولا هٿ ڪيا ويا آهن.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف دهشتگردي جي سرگرمين ۾ ملوث هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔